شيخ عزت الله ٺٽوي

شيخ عزت الله ٺٽوي : عزت الله هڪ فاضل عالم ۽ عاقل زمانه بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جي ولادت 1108هه/ 1696ع ۾ ٿي. جيئن ته هو شاعر به هو، اُن ڪري پنهنجي ولادت جي تاريخ جو سال هيٺئين فقري مان ڪڍيو اٿس. ”عزت الله مدام باعزت“. هو پنهنجي عقلمندي ۽ مناسب مشوري ۽ راءِ سبب ٺٽي ۽ ٻين صوبن جي اميرن وٽ هميشه عزت حاصل ڪندو رهيو. گھڻو ڪري ٺٽي جي حاڪمن پاران بادشاهن يا گورنرن جي درٻارن ۾ وڪالت جو ڪم نهايت سهڻي نموني سرانجام ڏيندو هو. بعضي ڪن حاڪمن جي جاءِ تي سندن نائب طور ملڪي مهمون سرانجام ڏنائين. آخر هو ٺٽي مان هڪ دفعي سورت بندر وڃي پهتو جتي صفدر خان سورت جي حاڪم کيس پنهنجي سنگت لاءِ منتخب ڪيو. عزت الله اتي رهي پنهنجي تدبير سان اهڙا سياسي مسئلا حل ڪيا، جو وڏا وڏا عقلمند حيران رهجي ويا. 58 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي وطن ٺٽي ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو